لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي سمورن ڪيسن ۾ عارضي ضمانت ڏيڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فاروق حيدر، عمران خان جي خلاف داخل ڪيسن جي تفصيلن بابت سندس ڀيڻ نورين نيازي طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران وفاق ۽ پنجاب جي گهرو کاتي طرفان پي ٽي آءِ باني تي داخل ڪيسن جون رپورٽس عدالت ۾ پيش ڪيون ويون.
عدالت کي ٻڌايو ويو ته عمران خان خلاف اسلام آباد پوليس طرفان 62 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ پنجاب جي حدن ۾ ڪيسن جو انگ 54 آهي.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عمران خان کي سمورن ڪيسن ۾ عارضي ضمانت ڏيڻ جي استدعا ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي، عدالت سمورين رپورٽس جي روشني ۾ درخواست اڪلائي ڇڏي.
You might also like