لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته 24 نومبر تي هو اهو ئي ڪندا جيڪو دهشتگردن خلاف ڪندا آهن.
لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته بنا تصديق ٿيل شيون سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پوسٽ ڪيون وينديون آهن، سائبر ڪرائيم بابت ايف آءِ اي کي ٻيهر آرگنائيزڊ ڪيو پيو وڃي، متاثر عورتن جي ڳالهه ٻڌي ويندي.
سندس چوڻ هو ته پنهنجا مائٽ پاڻ عورتن کي هيسائي ۽ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، پاڻ ايف آءِ اي کي چيو آهي ته ٻين عورتن جون به درخواستون ٻڌيون وڃن، هاڻي ائين نه ٿيندو ته آزادي اظهار راءِ تي اوهان ڪنهن کي ڪجهه به چوندا.
تحريڪ انصاف جي 24 نومبر جي احتجاج بابت پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته گذريل لانگ مارچ تي خيبرپختونخوا جا 81 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا هئا، هاڻي چيو پيو وڃي ته اوهان 58 ڪروڙ رپيا ڏيو پوءِ ڳالهيون ٿينديون، هر ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي ٻه ٻه، چار چار لک رپيا ڏنا پيا وڃن.
هن چيو ته ڪنهن جي محبت ۾ ايترو اڳتي نه نڪري وڃو جو ملڪ جي بربادي نظر نه اچي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته احتجاج ڪندڙن واضح ٻڌائي ڇڏيو آهي ته مرڻ مارائڻ رياست خلاف جهاد ڪرڻ اچي رهيا آهن، چئي رهيا آهن ته سندن وٽ پلان اي، بي ۽ سي آهي، هو ٻڌائڻ چاهن ٿا ته رياست وٽ اي کان زيڊ تائين سمورا پلان هوندا آهن.
You might also like