پاڪستان تي قرضن ۽ رهتن جا سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا

اسلام آباد (و يب ڊيسڪ) پاڪستان قرض ۽ رهتن ۾ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
ملڪ تي قرض ۽ رهتن جا سڀ پراڻا رڪارڊ ٽٽي ويا، قرض ۽ رهتون رڪارڊ 85 هزار 836 ارب رپين تائين وڌي چڪا آهن.
هڪ سال دوران قرضن ۽ رهتن ۾ ست هزار 417 ارب رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي دستاويز موجب، سپٽيمبر 2024ع تائين پاڪستان تي قرض ۽ رهتون وڌي 85 هزار 836 ارب رپين تائين پهچي ويون آهن.
سپٽيمبر 2024ع تائين ملڪ تي مقامي قرض 47 هزار 536 ارب رپيا ۽ پرڏيهي قرض 33 هزار 722 ارب رپيا هو جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي جي پڄاڻي تائين پاڪستان 4 هزار 484 ارب رپين جو باقيدار هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.