ايران -سعودي لاڳاپا بحال ٿيڻ جا وچ اوڀر جي سياست تي پوندڙ اثر

تحرير: علي گل ڇڇر

سعودي عرب ۽ ايران وچ اوڀر جا اهم ملڪ آھن ٻئي ملڪ اسلامي ملڪن جي قيادت لاءِ هڪٻئي جا حريف به مڃيا وڃن ٿا، وچ اوڀر جا هي ٻئي بااثر ملڪ سني اڪثريت رکندڙ سعودي عرب ۽ شيعا اڪثريت رکندڙ  ايران جا هڪٻئي سان  تعلقات هميشه پيچيده ۽ ڪشيده نوعيت جا رهيا آھن،مذھبي فرقاپسندي واري سوچ، سياسي ۽ علائقائي مفاد ھڪ ڊگهي عرصي کان انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽڪراءُ  جو اهم سبب رهيا آھن،چين پاران سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ويڇا گهٽجي رهيا آھن ۽ ماضي ۾ هڪٻئي جا سخت نظرياتي مخالف ۽ حريف سمجهيا ويندڙ ملڪ پنهنجا فاصلا گهٽائي رهيا آھن .

گذريل هڪ مهيني اندر ايراني وزير خارجه عباس قرامچي ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي وچ ۾ ٻه ملاقاتون ٿي چڪيون آھن، ٻنهي ملڪن جي تعلقات جي تاريخ کي ڏسندي ان کي غير معمولي پيش رفت چئي سگهجي ٿو.ايراني وزير خارجه عباس قرامچي سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ عرب ملڪن جي سربراهي اجلاس ۾  شرڪت کانپوءِ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ "ايڪس” تي لکيو آھي ته: خدشات توڙي مفادات گڏيل آھن هن چيو ته خطي کي درپيش وڏن بحرانن مان  ڪڍڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ هم آهنگي جي ضرورت  کي اهم سمجهون ٿا ۽ اسان سڀني جو ان ڳالهه تي اتفاق آھي،

ان وچ رياض ۾ اسلامي ملڪن جي غيرمعمولي ۽ هنگامي پريس ڪانفرنس کانپوءِ  ايران جي نائب صدر محمد رضاعارف سعودي ولي عهد شھزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ايران جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته :سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ تعلقات ترقي لاءِ کلندڙ نئون ۽ ناقابل واپسي رستو آھي سعودي ولي عهد سان ملاقات کانپوءِ  ايران جي نائب صدر اهو به چيو ته ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ تعلقات جي بهتري سان نه صرف ٻنهي  ملڪن جا تعلقات بحال ٿيندا پر وچ اوڀر جون حالتون پڻ ان اتحاد سبب متاثر ٿينديون، هن اتحاد ذريعي خطي جي اسلامي ملڪن وچ ۾ ڀائيچاري جي فضا قائم ٿيندي، ايراني نائب صدر موجب ٻنهي ملڪن جي تعلقات ۾ بهتري کانپوءِ  اقتصادي،ثقافتي، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي شعبن ۾ به  تعاون وڌندو، ايراني نائب صدر سان ملاقات کانپوءِ  سعودي ولي عهد جو به اهو چوڻ ھو ته ايران سان تعلقات بهتر ڪرڻ  سعودي عرب جي مفاد ۾ آھي،

هڪ بين الاقوامي نشرياتي اداري بي بي سي جي دعوي موجب  رياض ۾ عرب ملڪن جي ڪانفرنس کان هڪ ڏينهن اڳ سعودي ولي عهد جي ايراني صدر سان فون تي پڻ  ڳالهه ٻولهھ ٿي آھي جنهن ۾ سعودي ولي عهد ان عزم کي ورجايو ته ايران ۽ سعودي حڪومت وچ ۾ تعلقات تاريخي موڙ تي پهچي ويا آھن  ۽ اميد آھي ته اهي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ بلند ترين سطح تي پهچڻ ۾ هاڻي گهڻو وقت نه لڳندو،

ايران ۽ سعودي عرب حڪومت وچ ۾ سفارتي تعلقات ۾ بهتري اچڻ کانپوءِ سعودي  عرب جي آرمي چيف جنرل فائز بن حميت الراولي  تهران پهچي ايران جي آرمي چيف ميجر جنرل محمد باقري سان ملاقات ڪري دفاعي شعبن ۾ تعاون تي  ڳالهه ٻولهه ڪئي آھي.

ا يران يمن ۾ وڙھندڙ حوثي باغين جي حمايت ڪندو رهيو آھي  جڏھن ته سعودي عرب حوثين باغين جي خلاف وڙھي رهيو آھي، عالمي مبصرين جو چوڻ آھي ته سعودي حڪومت ايران سان تعلقات ۾ بهتري آڻڻ کانپوءِ  حوثي باغين سان جنگ بندي  ڪري يمن جو تنازعو حل ڪرڻ جي خواھشمند آھي ڇا ڪاڻ ته حوثي باغي سعودي عرب جي تيل ۽ گيس جي وسيلن لاءِ خطرو بڻيل آھن،

سعودي عرب ماضي ۾ پنهجي سلامتي جو انحصار آمريڪا تي ڪندو رهيو آھي جڏھن ته آمريڪا ايران جو ڪٽر مخالف رهيو آھي ڏسجي ته سعودي ۽ ايران تعلقات بهتر ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا سعودي حڪومت ڏانهن ڪھڙو رويواختيار ڪري ٿو؟

سعودي عرب 2030 جي مقرر ڪيل پنهجي حدفن ۾  استحڪام ۽ سلامتي کي سرفهرست رکيو آھي، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو خيال آھي ته صرف علائقائي استحڪام ذريعي ئي  وچ اوڀر ۾ اقتصادي ترقي جو خواب ساڀيان ٿي سگهي ٿو.

مارچ 2023 ۾ چين سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ سفارتي تعلقات بحال ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪيو ھو، گذريل  ڪجهه سالن ۾ ايران روس سان پنهجا تعلقات پڻ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي وچ اوڀر ۾ هاڻي آمريڪا کانپوءِ چين ۽ روس جهڙين طاقتن جي مداخلت پڻ وڌي رهي آھي.

گذريل سال 7  آڪٽوبر 2023 تي حماس اسرائيل تي حملو ڪري 1200 کان وڌيڪ اسرائلين کي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن کانپوءِ اسرائيل غزا ۾ فوجي مهم دوران گذريل 13 مهينن ۾  اسرائيلي حملن ۾ 43 هزار کان وڌيڪ فلسطينن کي قتل ڪيو ويو آھي ۽ لکن جي تعداد ۾ کين بي گهر ڪيو ويو آھي جيڪا ويڙهه هاڻي لبنان تائين پکڙجي چڪي آھي، گذريل  ڪجهه مهينا اڳ پهرين دفعو اسرائيل ايران تي پهريون دفعو سڌو سنئون حملو ڪيو ۽ ايران وري ان جو ميزائيل حملن سان جواب ڏنو هو،گذريل هفتي سعودي دارالحڪومت رياض ۾ وچ اوڀر جي جي صورتحال تي عرب ملڪن جي اجلاس کانپوءِ  هنگامي پريس ڪانفرنس دوران سعودي ولي عهد اسرائيل لاءِ انتهائي سخت زبان استعمال ڪندي چيو آھي ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آھي، سعودي ولي عهد جي اها سخت زبان ايران سان سندس تعلقات جي سبب آھي جيڪڏهن سعودي حڪومت جا ايران سان تعلقات بهتر ٿيا ته ان جو اثر سڌو سنئون اسرائيل عرب معاهدي تي پوندو ۽ ان جا اثر وچ اوڀر تي پڻ پوندا هاڻي اها ٻنهي ڌرين سعودي حڪومت ۽  ايران جي مجبوري آھي ته هو پنهجا اختلاف وساري تعلقات بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.