تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جو ردعمل

تحرير: مظهر خاصخيلي

سنڌ جي سمورن روڊ رستن مٿان نڪتل لکين سنڌ جا رهواسي هڪ ئي نعرو هڻي رهيا آهن سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور نامنظور جنهن ڪري سنڌ جي هر ننڍڙي وڏي شهر واهڻ وستي ڳوٺن مان سنڌ جو باشعور عوام ان ڳالهه کي سمجهي نڪري پيو آهي ته پنجاب جي غيرآباد زمينن کي آباد ڪرڻ جي لاءِ ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ منصوبو جوڙڻ جي لاءِ جيڪي جتن وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي ان جو اصل سبب سنڌو درياهه مان پاڻي کڻي چولستان جون غير آباد پيل 60 لک ايڪڙ زمينون آباد ڪرڻ آهي ۽  ان ڪري ته  176 ڪلوميٽر ڊگهو چولستان ڪئنال ڪڍڻ جي لاءِ وفاق. هن ڪئنال تي 2 کرب 11 ارب 99 ڪروڙ 71 هزار خرچ ڪرڻ ٿو چاهي وفاقي حُڪومت پنجاب جي چولستان جي لکين ايڪڙ غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ جي لاءِ ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي لکين آباد ٿيندڙ زمين کي سنڌو درياءَ جو پاڻي بند ڪري غير آباد ڪرڻ سان ڪهڙي عقل مندي آهي . ڇا سنڌ مان جيڪو کربين رپين جو ٽيڪس ملي ٿو اهو پنجاب مٿان وفاق جي نالي تي خرچ نٿو ڪيو وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته پوري دنيا اندر اهڙو ڪو ملڪ آهي جتي اسان جي ملڪ جيان ناڻي جي ورهاست ٿيندي هجي ان ڳالهه کي به سنڌ جا رهواسي زهر جو ڍڪ سمجهي پئي رهيا آهن پوءِ به جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ اڃان سنڌ جي ماڻهن کان جئڻ جو حق کسڻ وارا غير آئيني منصوبا جوڙي سنڌ جي لکين آباد زمينن کي غير آباد ڪري پنجاب جي سالن کان غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ چاهن ٿا سنڌ اندر هن وقت پاڻي جي کوٽ جيڪا شديد صورت حال اختيار ڪري وئي آهي ان کي ڪجهه لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي ڇو ته پاڻي اصل جياپي لاءِ تمام ضروري آهي.

اڄ به سنڌ  جي لکين ايڪڙ آبادي سمنڊ جون ويرون چڙهڻ سبب ٺٽي بدين کان وٺي کاروڇاڻ تائين 25 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سمنڊ حوالي ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جي 19 لک ايڪڙ زمين جيڪا ڪچي تي ٻڌل آهي اها به پاڻي جي کوٽ سبب تباهه ۽ برباد آهي ۽ دنيا جا ڇهون نمبر ليکيا ويندڙ سنڌ جا ٻيلا جن جي ايراضي 6 لک 50 هزار ايڪڙ تي آهي جتان لکين مڻ کنئور، ماکي ۽ ڪاٺ جو ٻالڻ مهيا ٿيندو هو اهو به ناهي رهيو ايتري قدر جو سمنڊ جي ڪنڌيءَ سان 6 لک ايڪڙن تي ٻڌل تمر جي وڻن جو ٻيلو هوندو هيو جيڪو سنڌوءَ جي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب پاڻي ماهرن موجب هڪ لک ايڪڙن تائين وڃي بچيو آهي جيڪڏهن ائين ئي رهيو ته پوءِ شايد سنڌ ۽ سنڌو جو به نشان نه رهي

اها ئي سازش هن وقت موجوده وفاقي سرڪار جي نظر اچي پئي جو پرويز مشرف جي 2025 ويزن واري منصوبي تحت سنڌوءَ مٿان ڪالاباغ ڊيم جو منصوبو جوڙڻ لاءِ وفاقي سرڪار ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي لڳي ٿو ته هٿ سان سنڌ جي پاڻي کي به ان جي ڪري بند ڪيو ويو آهي جيئن سنڌي ماڻهن جي اڳيان هڪ دفعو وري اها ڳالهه ڪئي وڃي ته اوهان جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت نه ڪيو ها ته اڄ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ نه هجي ها.

هيءَ ڳالهه مان ان جي ڪري هتي لکي رهيو آهيان جو ڪجهه مهينا اڳ مان پنجاب ويو هيس اتي جي ڪجهه اديبن ۽ شاعرن سان گڏ ڪجهه ڪالم نگارن اهي مٿيان لفظ مونکي چيا هئا پرمون انهن کي چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به ڊيم ٺاهڻ جا مخالف ناهن پر اوهان اهي ڊيم ملڪ جي مفاد ۾ جيڪڏهن ٺاهيو ٿا ڇا سنڌ کي پاڪستان جو حصو نٿا سمجهو جيڪڏهن سمجهو ٿا ته پوءِ ڪراچي ۽ حيدر آباد جي وچ تي ڪوهستان واري علائقي ۾ ڪيترائي ڊيم ٺهي سگهن ٿا جنهن سان پاڻي بچائي به سگهجي ٿو ۽ ضرورت موجب سمنڊ ۾ ڇڏي کيس پوئتي هٽائي به سگهجي ٿو باقي جنهن ملڪ جو وزير اعظم صرف اها ڳالهه ڪندي فخر محسوس ڪندو هجي ته سمنڊ کي اڳيان بند ڏئي روڪيو ويندو هي ڳالهه صرف اهو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو جنهن کي اها خبر هوندي ته سمونڊ جي وڌندڙ تيزي واري پاڻي کي صرف ان ۾ مٺو پاڻي ڇڏي کيس پوتي هٽائي سگهجي ٿو باقي اڳيان بند ٻڌي صرف دل کي تسلي ڏئي سگهجي  ٿي ته پاڻي اڳتي نه وڌندو باقي سامونڊي ويرون هيٺان جنهن نموني تيزيءَ سان مٺي پاڻي کي  پوئتي هٽائينديون اڳتي وڌنديون اينديون  ان جو وري به نتيجو اهو نڪرندو ته سنڌ جون آباد ٿيندڙ لکين ايڪڙ زمينون غير آباد ٿي وينديون جيئن هاڻي ٿي رهيون آهن الائي ڇو پنجاب جي انهن چونڊيل نمائدن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته جيڪا سنڌ صدين کان وٺي آباد آهي ۽ هن ملڪ جو حصو آهي ۽ هڪ اهڙو صوبو جيڪو سڄو ملڪ هلائي رهيو آهي ان صوبي جي رهواسين کي هٿ سان مارڻ واري جيڪا ڪوشش ڪئي ٿي وڃي اها ڪهڙي ملڪ کان سڄڻائپ واري نشاني آهي پاڻي ماڻهو جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي جيڪڏهن پاڻي نه هوندو ته ماڻهو جي نه سگهندو ۽ سنڌجا رهواسي به اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته اسان جو پاڻي بند ڪري اسان کي مارڻ جي ڪوشش ڇوٿا ڪيو جيڪا ڳالهه پنجاب جي انهن چونڊيل نمائندن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي الائي ڇو سمجهه ۾ نٿي اچي جيڪڏهن سمونڊ ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏيو ويندو سمنڊ جو کارو پاڻي مٿي چڙهي ايندو ۽ ان سان تباهي ٿيندي جيڪي ڪجهه سالن اندر سنڌ ۾ ٿي رهي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.