آسٽريليا ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

هوبارٽ (ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا ٽِين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به پاڪستان کي آئوٽ ڪندي ست وڪيٽن تان مات ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
هوبارٽ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان طرفان مليل 118 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي آسٽريلوي اننگز جي شروعات ميٿيو شارث ۽ جيڪ فريزر مُڪگرڪ ڪئي.
شاهين آفريدي 16 جي مجموعي اسڪور تي ميٿيو شارٽ کي آئوٽ ڪري ڇڏيو ۽ 30 رنسن تي جهانداد خان جيڪ فريزر کي به پويلين اُماڻي ڇڏيو.
ڪينگروز جي ٽيون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر ڪپتان جوش انگلس هو جيڪو 27 رنسون ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي حارث رئوف هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو.
ٽي وڪيٽون ڪِرڻ کانپوءِ مارڪوس اسٽوئنس ۽ ٽِم ڊيوڊ وڌيڪ ڪنهن نقصان جي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.
اسٽوئنس ميدان جي چئني پاسي شاندار اسٽروڪ کيڏيا ۽ 27 بالن تي 5 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 61 رنسن جي تيز اننگز کيڏي، جڏهن ته ٽِم ڊيوڊ 7 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
شاندار بيٽنگ تي مارڪوس اسٽوئنس کي پليئر آف دي ميچ جڏهن ته اسپينسر جانسن کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
ان کان اڳ محمد رضوان جي جاءِ تي ڪپتاني جا فرض انجام ڏيندڙ سلمان علي آغا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان طرفان صاحبزاده فرحان ۽ بابر اعظم اننگز جي شروعات ڪئي پر صاحبزاده فرحان هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ثابت ٿيو ۽ رڳو 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته حسيب الله 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ ففٽي اسڪور ڪندڙ عثمان خان ڪريز تي ڪجهه منٽن جو مهمان ثابت ٿيو ۽ 3 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، جڏهن ته ڪپتان سلمان علي آغا نوَ بالن تي رڳو هڪ رنس ٺاهي سگهيو!
اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم 41 رنسون ٺاهي ايڊم زمپا جو شڪار بڻيو جڏهن ته عرفان خان 10 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، ان کانسواءِ عباس آفريدي به هڪ رنس ٺاهي .
ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪندڙ جهانداد خان وڏي شاٽ کيڏڻ جي ڪوشش ۾ بائونڊري تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، هن رنسون اسڪور ڪيون، پاڪستان جو آخري آئوٽ ٿيندڙ رانديگر سفيان مقيم هو جيڪو هڪ رنس ٺاهي سگهيو.
آسٽريليا طرفان ايرون هارڊي ٽي وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ايڊم زمپا ۽ اسپينسر جانسن جي حصي ۾ ٻه، ٻه وڪيٽون آيون.
اڄوڪي ميچ ۾ پاڪستان ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون وين هيون، ڪپتان محمد رضوان کي آرام ڏنو ويو ۽ سندس جاءِ تي وڪيٽ ڪيپر بيٽر حسيب الله کي موقعو ڏنو ويو جڏهن ته باسٽ بالر نسيم شاهه جي جاءِ تي جهانداد خان کي پليئنگ اليون جو حصو بڻايو ويو.
ياد رهي ته ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ پهرين ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 31 رنسن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪينگروز، گرين شرٽس کي 13 رنسن تان مات ڏني هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.