اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وي پي اين کي غير شرعي قرار ڏيڻ تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب نعيمي جو ردعمل سامهون اچي ويو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي علامه راغب نعيمي چيو ته وي پي اين جو استعمال اڪثر غير اخلاقي معاملن ۾ ٿي رهيو آهي، رپورٽن موجب روز 15 ملين ڀيرا غير مهذب سائٽس تي هٽس ٿي رهيون آهن.
هن چيو جيڪڏهن وي پي اين کي رجسٽر ڪيون ٿا ۽ هاڪاري تنقيد ٿئي ٿي ته ان جو استعمال ڪري سگهجي ٿو.
علامه راغب نعيمي مثال ڏيندي چيو ته جيئن لائوڊ اسپيڪر لاڳاپيل ايڪٽ خلاف استعمال ٿيندو ته ڪارروائي ٿيندي، ائين رجسٽرڊ يا غير رجسٽرڊ وي پي اين تان غير مهذب مواد ۽ غلط پروپئگنڊا ڪئي وڃي ته غير شرعي هوندو.
Next Post
You might also like