وي پي اين بند ناهي ٿيو، ان کانسواءِ آءِ ٽي انڊسٽري نٿي هلي سگهي: پي ٽي اي چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي اي چيئرمين حفيظ الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ وي پي اين في الحال هلي رهيو آهي بند ناهي ٿيو ۽ وي پي اين کانسواءِ آءِ ٽي انڊسٽري نٿي هلي سگهي.
سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي پي ٽي اي چيئرمين حفيظ الرحمان چيو ته پاڪستان ۾ وي پي اين في الحال هلي رهيو آهي بند ناهي ٿيو، وي پي اين کانسواءِ آءِ ٽي انڊسٽري نٿي هلي سگهي، ڇو ته عام ماڻهو، فري لانسرز ۽ ڪمپنين کي وي پي اين جي گهرج هوندي آهي.
پي ٽي اي چيئرمين چيو ته 2016ع ۾ وي پي اين جي رجسٽريشن پاليسي ٺهي هئي، وي پي اين جي هاڻي ٻيهر رجسٽريشن شروع ڪئي آهي ۽ هنيئر تائين 25 هزار وي پي اين جي رجسٽريشن ڪري چڪا آهيون.
حفيظ الرحمان جو چوڻ هوته ڪو به آءِ ٽي بزنس ڪري رهيو آهي ۽ چاهي ٿو ته ڪاروبار ڊسٽرب نه ٿئي ته وي پي اين رجسٽرڊ ڪرائي، جيڪڏهن وي پي اين رجسٽرڊ ٿي ويو ته پوءِ ڪڏهن به انٽرنيٽ بند نه ٿيندو، جڏهن به انٽرنيٽ بند ٿيندو ته انڊسٽريءَ کي نقصان ٿيندو آهي، جيڪڏهن وي پي اين جي رجسٽريشن ٿيندي ته سندن انٽرنيٽ هلندو رهندو.
پي ٽي اي چيئرمين وڌيڪ چيو ته پي ٽي اي 5 لک غير اخلاقي ويب سائيٽس بلاڪ ڪيون، گذريل آچر ٻه ڪروڙ پاڪستانين غير اخلاقي سائيٽس تائين رسائي جي ڪوشش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.