سنڌوءَ تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند تي ويندو: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي 56 سالگرھه ايڊوانس ۾  لا آفيس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ملھائي وئي سالگرھه جو ڪيڪ اياز لطيف پليجو ڪٽيو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نه ڪنداسين. سنڌو درياھه تي نوان ڪئنالن جو منصوبو رد ڪريون ٿا.چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند تي ويندو. جنهن سنڌ تباھه ۽ برباد ٿي ويندي پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي . سنڌ ۽ ملڪ ۾ عورتون ۽ نياڻيون غير محفوظ آھن سنڌ جا ماڻھو ڏوھن ۽ ڪرپشن کان نجات چاھين ٿا.اياز لطيف پليجي چيو ته چيو ته سنڌو درياھ تي نئين انداز سان لڳندڙ ڌاڙي تي سنڌ جو عوام خاموش ڪون ويندو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھه تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجو درياھ بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن. پنجاب جي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.