ڪوپ 28 ۾ پاڪستان جي امداد لاءِ ڪيل واعدن تي عمل ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم

باڪو (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ نقصان ٿيندو.
آذربائيجان جي تخت گاهه باڪو ۾ ڪوپ 29 سمٽ سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ فصلن، گهرن ۽ اسڪولن کي سخت نقصان پهتو، اسان کي 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو.
هن چيو ته دنيا موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن تي پاڪستان جي امداد جا واعدا ڪيا، ڪوپ 28 ۾ ڪيل واعدن تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو اسان نٿا چاهيون ته پاڪستان جيان ٻين ملڪن کي به نقصان پهچي، پاڪستان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي، دنيا کي پاڪستان جهڙن ترقي پذير ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي.
وزيراعظم چيو ته محفوظ مستقبل لاءِ ماحولياتي تحفظ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اسان وقت سر قدم نه کنيا ته ايندڙ نسل معاف نه ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.