16 نومبر کان تيل اگهن ۾ واڌ جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ 16 نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
تيل ڪمپنين جي ذريعن موجب 16 نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ساڍا 5 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 2 رپيا 58 پئسا واڌ جو امڪان آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا 5 رپيا ليٽر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته گاسليٽ 2 رپيا 58 پئسا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
اوگرا اگهن بابت ورڪنگ 15 نومبر تي حڪومت کي موڪليندي، وزيراعظم جي مشاورت سان اگهن بابت حتمي منظوري ڏني وئي، اگهن ۾ واڌ بابت ناڻي واري وزارت 15 نومبر تي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.