پ پ سدائين سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪندي رهي آهي:عوامي تحريڪ

ڪراچي  (رپورٽر) سنڌو درياهه تي ڌاڙن، زمينن تي قبضن، وسيلن جي نيلامي، سرڪاري سرپرستي ۾ هلندڙ اغوا انڊسٽري ۽ عورتن مٿان ظلمن خلاف سنڌياڻي تحريڪ جي 17 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل ريلي لاءِ ڀرپور عوامي سجاڳي مهم، ان سلسلي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ خالد تنيو وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ انيسا هارون، سنڌ سهائي سٿ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، ناليواري قانوندان مسعود نوراني، مهناز، ياسين شاهه ۽ ٻين اڳواڻن کي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان دوران ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي صدارتي سيٽ عيوض سنڌو درياهه جو سودو ڪيو آهي، صدر زرداري جي صدارت ۾ گرين پاڪستان منصوبي جي ٿيل اجلاس ۾ ڇهن ڪينالن جي منظوري ڏني وئي، پيپلز پارٽي سرڪار سي سي آءِ ۾ سنڌ جو پاڻي ڪيس نٿي رکي، وفاقي سرڪار کي سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار زور نه ڀري سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي مجرماڻي ماٺ ڪيون ويٺي آهي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي سدائين سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪندي رهي آهي. هنن چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙن، زمينن تي قبضن، وسيلن جي نيلامي، سرڪاري سرپرستي ۾ هلندڙ اغوا انڊسٽري ۽ عورتن مٿان ظلمن خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان 17 نومبر تي ڪراچي ۾ ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين هزارين سنڌياڻين جي ريلي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.