سنڌو درياهه سنڌ جي شهه رڳ آهي،ڪئنال اڏڻ خطرناڪ ثابت ٿيندو:قادر مگسي

حيدرآباد ( پ ر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ملڪ جا حڪمران ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران پوئتي ڌڪي رهيا آهن. متضاد ۽ غيرآئيني فيصلن سان مڙهي ملڪ کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعن جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽرين جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ هن ملڪ جي شھ رڳ آهي ته وري سنڌو درياءَ سنڌ جي شھ رڳ آهي. سنڌو درياءِ کي گهربل پاڻي نه ڏيڻ ۽ وري مٿان نوان ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو سنڌ لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي ان سان سنڌ سڄي ڀڙڀانگ بڻجي ويندي. سنڌ اهڙن سمورن منصوبن کي مڪمل رد ڪري ٿي. جيڪڏهن سنڌ جي احتجاجن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته اهو ملڪ جي مفاد وٽان نه هوندو. ملڪ جو استحڪام انهي م آهي ته ملڪ جي صوبن مان احساس محرومي ختم ڪئي وڃي ۽ کين برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته 18 نومبر تي ٽنڊوالهيار ۾ شهيد الطاف جسڪاڻي جي ورسي ،20 نومبر تي سڪرنڊ ۽ 24 نومبر تي ڦوهارا چوڪ وٽ سنڌو مٿان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ڀرپور احتجاج رڪاڊ ڪرايو ويندو هن سنڌي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي هنن رٿيل احتجاجن ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.