ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سان جي يو آءِ جي ھڪ وفد قاري محمد عثمان ۽ مولانا محمد صالح انڍڙ جي اڳواڻي ۾ صوبائي دفتر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ توڙي صوبي جي سياسي صورتحال سميت باهمي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جي يو آءِ وفد صوبائي امير کي 21 نومبر تي ڪراچي ۾ سنڌو درياه مٿان ڪينال اڏڻ ۽ بدامني خلاف ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. جي يو آءِ وفد ۾ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالمالڪ ٽالپر، صوبائي سالار سليم سنڌي، رفيق احمد سومرو ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا جڏهن ته جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا، علامه حزب الله جکرو ۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته سنڌ اسيمبلي جي مخالفت باوجود چولستان ڪينال سميت سنڌو مان 06 نوان ڪينال ڪڍڻ وفاقي حڪومت جي ضد ۽ آئين جي خلاف ورزي آهي، سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گيس ۽ ڪوئلي سميت ٻين معدني وسيلن تي سڀ کان پهرين سنڌ جو حق آهي، سنڌ جي گيس مان ٻين صوبن جا ڪارخانا هلن ۽ سنڌ ۾ چُلها به نه ٻرن اها سراسر ناانصافي آهي اهڙين حرڪتن سان صوبي ۾ محروميون ۽ نفرتون وڌي رهيون آهن