”باجوا کي جوتو لڳو؟“پي ٽي آءِ جو نئون شوشو،شاندانه گلزار جو ڪوڙ پڪڙجي پيو

اسلام آباد(عمر چيما)اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي عورت جوتو هڻي ڇڏيو؟پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا حلقن ۾ هُل متل،خبر موجب پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا حلقن ۾ اها ڳالهه پکيڙي پئي وڃي ته جنرل باجوا کي جوتو هنيو ويو آهي،اصل ۾ پي ٽي آءِ حامي وڪيل اڳواڻ نعيم بخاري هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جڏهن جنرل باجوا کي مدي ۾ واڌ ڏني وئي هئي ته سرينا هوٽل اسلام آباد ۾ سندس آمد تي هڪ عورت کيس جوتو هنيو هو، جڏهن ته جنرل باجوا کي ايڪسٽينشن ڏني وئي هئي ته پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽين ان جي حمايت ڪئي هئي، جنرل باجوا جي سيڪيورٽي تي مقرر هڪ آفيسر رابطي تي ٻڌايو ته ان قسم جي ڳالهه کل جوڳي آهي، ان قسم جو ڪو به واقعو ناهي ٿيو، آرمي چيف هوندي جنرل باجوا خلاف ڪا به مزاحمت نه ٿي رهي هئي،هن جي سيڪيورٽي ايتري سخت هوندي آهي ته ڪو به شخص هن جي ويجهو نٿو اچي سگهي،ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاندانه گلزار دعويٰ ڪئي ته لنڊن ۾ قاضي فائز عيسيٰ خلاف احتجاج ڪندڙن مان هڪ نوجوان جي والد کي کنڀي سندس ڄنگهه ۾ ڊرل مشين سان سوراخ ڪيو ويو آهي،پي ٽي آءِ وارا ڪوڙ تخليق ڪرڻ ۾ ماهر آهن،

  1. ناڻي کاتي ۾ اڪائونٽنٽ جي ڀرتي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي نوٽيس جاري

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي ناڻي کاتي ۾ اڪائونٽنٽ جي عهدي تي 17 گريڊ ڀرتي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس ڪري ڇڏيا، عدالت چيو ته درخواستگذار لاءِ هڪ اسامي خالي رکي وڃي،  جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع نه ڪرايو ويو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا آفيسر  ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿين، درخواستگذار جي وڪيل عاقب حسين چيو ته درخواستگذار ناڻي کاتي ۾ 17 گريڊ جي اڪائونٽنٽ جي عهدي لاءِ  لکت ۾ امتحان ڏنو هيو، امتحان پاس ڪرڻ بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران انٽرويو لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو,  اهيو چيو ويو ته درخواستگذار گهربل تعليمي معيار تي پورو نٿو نٿو لهي، وڪيل چيو ته سروس ڪميشن پاران درخواستگذار جي ڊگري کي گريجوشن جي برابر تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته درخواستگذار ايڇ اي سي پاران واضع ڪيل تعليمي معيار تي پورو لهي ٿو ۽ نوڪري لاءِ به اهل آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.