اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال سموگ کي سنگين خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان 2 لک 50 هزار وقت کان اڳ فوتگين جو خدشو آهي.واضح رهي ته پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۽ ملتان ۾ اسموگ جي صورتحال انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، صوبائي راڄڌاڻي ڪيترن ئي ڏينهن کان دنيا جو آلودگي وارو شهر آهي.احسن اقبال سموگ سبب اڍائي لک وقت کان اڳ فوتگين ۽ ٻارن جون زندگيون متاثر ٿيڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو، احسن اقبال واضح ڪيو ته سموگ معاشي ايمرجنسي به آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا. ياد رهي ته پنجاب ۾ شديد فضائي گدلاڻ جي صورتحال جاري آهي، هوا جي معيار جي انڊيڪس ۾ لاهور 700 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ پشاور ٻئي ۽ اسلام آباد ٽئين نمبر تي آهي.