سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) شڪارپور ضلعي اندر مهر- جتوئي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو اڄ سرڪٽ هائوس سکر ۾ فيصلو ٿيندو، ان بابت: مهر/ جتوئي هائوسن جي ترجمان تصديق ڪري ڇڏي! ان ڏس ۾ شڪارپور ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ شروع ٿيل مهر جتوئي تڪرار جو نبيرو اڄ سرڪٽ هائوس سکر ۾ رکيو ويو آهي جنهن جي مهر ۽ جتوئي هائوس جي ترجمانن پڻ تصديق ڪئي آهي، فيصلي ۾ علي گوهر خان مهر، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خان جتوئي، مير عابد حسين خان جتوئي، سردار مير عابد حسين سندراڻي ۽ ٻيا شرڪت ڪندا، واضع رهي ته مهر – جتوئي تڪرار هن وقت تائين 10 کان وڌيڪ جانيون وٺي چڪو آهي جنهن بعد ٻنهي ڌرين جي معزز جي ڪوششن سان ٻئي ڌريون فيصلي تي راضي ٿيون آهن.