ڪراچي(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي ٻين شهرن ۾ سموگ کان پريشان شهرين کي ڪراچي منتقل ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي، بلاول ايڪس تي جاري بيان ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي شهرن ۾ آلودگي جا تفصيل به شيئر ڪيا، جنهن ۾ وڏن شهرن ۾ اي ڪيو آءِ پوائنٽس جا تفصيل به شامل آهن، واضح رهي ته پاڪستان ۾ سموگ ايتري ته وڌي وئي آهي جو خلا مان به نظر اچڻ شروع ٿي وئي آهي، سموگ سبب فلائيٽ آپريشن به متاثر آهي.