ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان ٻوڏ متاثرن لاءِ اهڙا گهر ٺاهي رهيا آهيون جيڪي موسمي تبديلين کي منهن ڏئي سگهن، اسان نيپال جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. هاڻي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر ٺاهڻ جو پروجيڪٽ دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو بڻجي ويو آهي ۽ وڌيڪ گهر تعمير ڪيا پيا وڃن. 2025 تائين جڏهن پروگرام مڪمل ٿيندو ته هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي ڇت فراهم ڪندو جن مان اڪثريت ٻارن جي هوندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان يونيسيف پاڪستان جي پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ڪيل پروگرام جو عنوان هو ”مستقبل کي ٻڌو“. ان موقعي تي تعليم وارو وزير سردار شاهه، يونيسيف جو نمائندو عبدالله فاضل، گڏيل قومن جو ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب اڳتي وڌي رهي آهي جيڪو هن ملڪ جو نوجوان اڳواڻ آهي. اسان ٻارن لاءِ هڪ بهتر دنيا ۽ هڪ بهتر سنڌ ڇڏڻ جو عزم ڪيو آهي. ٻار مضبوط پاڪستان جا معمار آهن، انهن جي صحت ۽ ترقي اسان جي گڏيل ترجيح هجڻ گهرجي. وڏي وزير ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ٻارن جو عالمي ڏينهن پاڪستان لاءِ هڪ اهم موقعو آهي جنهن ۾ هر ٻار کي روشن مستقبل ڏيارڻ لاءِ مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي. وڏي وزير يونيسيف جي ٻارن جي عالمي ڏينهن 2024 جي پيغام ”مستقبل کي ٻڌو“ جي به واکاڻ ڪئي. هن واضح ڪيو ته ٻارن جي حقن جو احترام ڪيو وڃي ته بهتر مستقبل ممڪن آهي.