سنڌو تي ڪئنال ڪڍڻ ڪالاباغ ڊيم کان به خطرناڪ آهي، ڌرتي ڌڻي اهڙي سازش قبول نه ڪندا: اڳواڻ

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ :  اويس حيدر شورو ) ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ آبادگار اتحاد طرفان سنڌو دريا تي نوان 6 ڪئنال قائم ڪرڻ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ مرحليوار احتجاجي تحريڪ کي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ،  سنڌ آبادگار اتحاد پاران سنڌو دريا مان امڪاني طور نڪرندڙ 6 ڪئنالن خلاف ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ، بک هڙتال ۾ ٽنڊو محمد خان جي مختلف سياسي سماجي قومپرست پارٽي جي ڪارڪنن سميت آبادگارن هارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، بک هڙتالي ڪئمپ تي سنڌ مان نڪرندڙ 6 ڪئنال نامنظور جا نعرا هنيا ويا ، ان موقعي تي سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي صدر نواب زبير ٽالپر ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري محمد انوار ڪمبوھ ، ضلعي ٽنڊو محمد خان جي صدر پير اشفاق جان سرهندي ، چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻ نبي بخش سٺيو ، اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مير علي نواز ٽالپر، سنڌي ادبي سنگت جي اعظم ڀٽي ، سنڌ يونائيٽيڊ آبادگار فورم جي مرڪزي صدر سيد بشير شاھ ، جماعت اسلامي جي پير مسلم جان سرهندي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي زرعي زمينن جو جياپو آهي ، پاڻي تي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندو ، سنڌو دريا تي 6 ڪئنال نڪرڻ سان ٻن ڪالاباغ ڊيمن کان به خطرناڪ آهن ، هنن چيو ته سنڌ جي 40 لک ايڪڙ زرعي زمين ڪئنال ٺهڻ سان مڪمل طور تي بنجر بڻجي ويندي ۽ ٺٽو ، سجاول ، بدين ضلعن ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويندي ، جنهن ڪري سنڌ جي حقيقي وارثن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.