باڪو(م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ترقي پذير ملڪن کي گڏيل قومن جي فريم ورڪ موجب خاص فنڊ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ترقي پذير ملڪن کي 2030ع تائين 6 هزار 800 ارب ڊالرز جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏئي سگهجي، آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪوپ 29 ڪانفرنس جي موقعي تي ڪلائميٽ فنانس گول ميز مذاڪري کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان موسمياتي تبديلي جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان کي ماضي قريب ۾ ٻن تباهي آڻيندڙ ٻوڏن کي منهن ڏسڻو پيو، جنهن جي نقصان مان اڃان نڪري نه سگهيا آهيون، اڄ اسين هڪ اهڙي نازڪ موڙ تي بيٺا آهيون جتي گلوبل ڪلائيميٽ فنڊ جي بحالي جي ضرورت آهي، ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه ڊاڪٽر محمد يونس سان به ملاقات ڪئي.