يوٽيوب ۾ هڪ اهڙو نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن ذريعي هن پليٽ فارم تي وڊيوز ڏسڻ جي تجربي کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.
گوگل جي ملڪيت يوٽيوب ۾ هڪ نئون پلي بيڪ سلائيڊر متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن ۾ اهڙا ٽولز موجود آهن جيڪي وڊيوز ڏسڻ جي تجربي کي بهتر بڻائيندا.
نائين ٽو فائيو گوگل جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته يوٽيوب طرفان پراڻي پلي بيڪ اسپيڊ آپشن کي نئين سلائيڊرز انٽر فيس ۾ بدلايو پيو وڃي.
نئين سلائيڊر ذريعي واهپيدار وڊيو پلي بيڪ اسپيڊ کي 0.05 سيڪنڊ به ڪري سگهندا.
پلي بيڪ اسپيڊ ڪنٽرولر ذريعي يوٽيوب وڊيوز ڏسندي واهپيدار وڌيڪ لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.
يعني جيڪڏهن اوهان ڪنهن شئي کي ياد ڪرڻ يا سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو ته اوهان وڊيو جي اسپيڊ ذڪر جوڳي حد تائين سست ڪري ڏسي سگهو ٿا.
ان کان اڳ پلي بيڪ ڪنٽرولر ۾ واهپيدارن کي پنج آپشنز 0.25x، 1.0x، 1.25x، 1.5x ۽ 2.0 دستياب هئا.
نئين سلائيڊرز ۾ پراڻا آپشنز ته موجود هوندا ئي، ان سان گڏوگڏ 0.25 سينڊ، 0.5 سيڪنڊ ۽ 0.75 سيڪنڊ جا آپشنز به نظر ايندا.
رپورٽ موجب، نئون فيچر سڀ کان اڳ اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ڊيوائسز لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي، جڏهن ته ڊيسڪ ٽاپ ورزن ۾ اِهو ڪيستائين متعارف ڪرايو ويندو، ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
ان کان اڳ گوگل طرفان يوٽيوب جي مني پليئر کي ري ڊيزائن ڪيو ويو هو جڏهن ته سيٽنگز مينيو کي به سادو بڻايو ويو هو.
You might also like