سپريم جڊيشل ڪائونسل اجلاس، 10 ججن خلاف شڪايتون اڻ پوريون شاهديون قرار ڏئي خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جڊيشل ڪائونسل ججن خلاف 10 شڪايتون اڻ پوري مواد ۽ شاهدين جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏيون.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ججن خلاف 10 شڪايتن جو جائزو ورتو ويو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل 10 شڪايتون اڻ پوري مواد ۽ شاهدين جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏيون.
پڌرائيءَ موجب سپريم جڊيشل ڪائونسل اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جو به جائزو ورتو ويو ۽ ڪائونسل جي اجلاس ۾ رولز ٺاهڻ جي حوالي سان تجويزن تي به مشاورت ڪئي وئي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل سيڪريٽري جي تجويز تي رولز جو ڊرافٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ڪائونسل چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي ٽن مهينن لاءِ ڪائونسل لاءِ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو اختيار به ڏئي ڇڏيو.
پڌرائي موجب سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس هر مهيني گهرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.