لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪارا صبا قمر چيو آهي ته هوءَ سموگ سبب ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهي آهي.
اداڪارا صبا قمر پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي لاهور جي نالي هڪ پيغام جاري ڪيو.
پنهنجي پيغام ۾ صبا قمر لکيو ته ”پيارا لاهور! مان ساهه کڻڻ چاهيان ٿي، ڏاڍو ڪوهيڙو آهي ۽ ساهه ٻوساٽجڻ لڳو آهي.“
هن لکيو ته ” اسان مان جيڪي ماڻهو سهڪي جي مرض ۾ مبتلا آهن اُهي جيئرو رهڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، مهرباني ڪري آسمان کي صاف ڪريو.“
صبا قمر جو اِهو پيغام سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن تي لاهور سميت سموري ملڪ جا واهپيدار، پنهنجا خيال ۽ تجويزون پيش ڪري رهيا آهن.