آمريڪا جي ريسرچ ليب مان ڪيترائي ڀولا فرار

آمريڪا جي ريسرچ ليب مان ڪيترائي ڀولا فرار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست ڏکڻ ڪيرولينا جي علائقي بيفورٽ ڪائونٽي ۾ قائم الفا جينيسس فيسيلٽي مان 43 ڀولا فرار ٿي ويا، جنهن تي انتظاميا مقامي آبادي کي خبردار ڪري ڇڏيو.
ڀڄي ويل ڀولن جو واسطو hesus macaque نسل سان آهي، جن کي تحقيق لاءِ ريسرچ ليب جي پڃري ۾ بند ڪيو ويو هو.
انتظاميا ٻڌايو ته ريسرچ ليب ۾ 50 ڀولن تي ٻڌل گروپ موجود هو پر ڀڃري جو در کلڻ سبب 43 ڀولا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته 7 اتي ئي موجود آهن.
انتظاميا شهرين کي خبردار رهڻ، در ۽ دريون بند رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته ڀولن جي ڳولا جون ڪوششون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.