دنيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ روبوٽ جي تيار ڪيل پينٽنگ لکين ڊالرن ۾ نيلام ٿي وئي.
آءِ ڊا نالي انسان جهڙي روبوٽ جي تيار ڪيل پينٽنگ نئين تاريخ لکي ڇڏي، ان روبوٽ مشهور ڪمپيوٽر سائنسدان ايلن تورنگ جو پورٽريٽ تيار ڪيو هو، جنهن کي اي آءِ گاڊ جو نالو ڏنو ويو.
اها پينٽنگ هڪ آمريڪي نيلام گهر 10 لک 8 هزار ڊالرن ۾ نيلام ڪئي، اها پينٽنگ 7 فوٽ وڏي آهي ۽ روبوٽ طرفان اي آءِ ۽ ڪمپيوٽنگ ٽيڪنالاجيز ۾ ايلن تورنگ جي ڪردار کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.
ان روبوٽ جي اکين ۾ ڪيمرائون لڳل آهن، جڏهن ته هائيڊرولڪ هٿن سان هو پنهنجي مرضي سان ڪجهه به پينٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اهو روبوٽ اهڙيون ڪيتريون ئي پينٽنگز تيار ڪري چڪو آهي.
آءِ ڊا اندر موجود اي آءِ لينگويج ماڊل ان کي ماڻهن سان رابطو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو پر ان جي مدد سان اهو روبوٽ شاعري به ڪري سگهي ٿو.
اهو روبوٽ ڏسن ۾ هڪ عورت جيان آهي ۽ ان کي دنيا جي ڪجهه ايڊوانس روبوٽن مان هڪ قرار ڏنو ويو آهي.
برطانيا سان واسطو رکندڙ Aidan meller ان روبوٽ کي 2019 ۾ تيار ڪيو هو، ڏسڻ ۾ انسانن جهڙو هجڻ باوجود اهو روبوٽ گهمڻ ڦرڻ جي صلاحيت نٿو رکي.
You might also like