ڪراچي (رپورٽر) چيف جسٽس سنڌ جسٽس محمد شفيع صديقي جي پنهنجي چئمبر ۾آءِ جي سنڌ سان ملاقات ڪئي، ملاقات بعد پرڏيهين جي سيڪيورٽي لاءِ، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته سيڪيورٽي جا انتظام ڪنهن هنڌ يا شخصيت جي حساسيت جي بنياد تي ڪيا وڃن، ان سلسلي ۾ پرڏيهين جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ تربيت ۽ تحقيق ۽ ترقي ڪئي پئي وڃي. آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس ضابطن ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ مختلف ڪميٽيون ٺاهيون آهن، جن پنهنجو ڪم مڪمل ڪيوآھي، جنھن جو آخري مسودو گهرو کاتي وٽ جمع ڪرايو ويندو. ھن چيو تھ پوليس سڌارن بابت اڄ اسان جي آخري گڏجاڻي هئي جيڪا ملتوي ڪئي وئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڊرافٽ مڪمل ڪري سنڌ جي گهرو کاتي کي موڪلي رهيا آهيون، مسودو سنڌ ڪابينا وٽ ويندو، جتي ان تي بحث ڪيو ويندو، حڪومت چاهي ته ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ان کي پيش ڪري سگھي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي شهري علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائم هڪ وڏو مسئلو آهي.