اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙي لڳ سنڌ پنجاب دنگ وٽ ڀنگ ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ پنجاب پوليس جو ڏوھارين سان مبينا مقابلو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري موقعي مارجي ويو، ٻيا ڏوھاري فائرنگ ڪندا ڪچي واري علائقي ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس مارجي ويل ڏوھاري جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال صادق آباد پھچايو، جتي ڏوھاري جي سڃاڻپ شاھمراد لاٺاڻي طور ڪئي آھي. ان موقعي تي پوليس جو چوڻ ھو ته مارجي ويل ڏوھاري سنڌ پنجاب جي مختلف ٿاڻن تي اغوا، ڦرون ۽ پوليس اھلڪارن کي شھيد ڪرڻ جھڙن ڏوھن ۾ گھربل ھو ۽ فرار ٿي ويل ڏوھارين خلاف پوليس جي وڏي نفري طلب ڪري آپريشن جاري آھي، ھوڏانھن آخري طلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي ۽ مارجي ويل ڏوھاري جو لاش کڻائڻ لاءِ وارث نه پھتا ڏوھاري جو لاش لاوارث طور اسپتال ۾ پيل آھي