سکر(رپورٽ: آزاد مهر)سکر جي علائقي سنگھرار مان نائين محرم الحرام تي اغوا ٿي ويل پريا ڪماري جي وارثن ٽن سالن بعد ڏوھارين فون ڪري ڀنگ طلب ڪري ورتي آھي، ان سلسلي ۾ پريا جي والد پاران ايس ايس پي سکر کي فون بابت اطلاع ڏنو ويو آھي، ذريعن موجب راجڪمار کي ڌاڙيلن پريا ڪماريء جي بازيابيءَ لاءِ ڀنگ گهري ورتو، راجڪمار فون جي تصديق ڪري ڇڏي ۽ ايس ايس پي سکر کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف سکر پوليس ٽيڪنيڪل ۽ آءِ ٽي جي مدد سان پريا جي بازيابي لاءِ آيل فون کي فيڪ ھئڻ جو ڄاڻائيندي آيل فون جعلي ھجڻ جي دعوي ڪئي آهي، سکر پوليس موجب حڪومت پاران پريا ڪماري جو اطلاع ڏيڻ واري کي هڪ ڪروڙ انعام ڏيڻ واري اعلان بعد اهي فيڪ ڪالون ڪيون پيون وڃن جن ۾ ڪابه صداقت ناهي تنهنڪري صحافي کي گذارش آهي ته تصديق ڪرڻ بعد ئي خبر هلائي وڃي.