پاڪستان جي محمد آصف ٽيون ڀيرو ورلڊ سنوڪر چيمپيئن شپ کٽي ورتي

دوحا(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ٽاپ ڪيوئسٽ محمد آصف دوحا ۾ ٿيل آءِ بي ايس ايف ورلڊ سنوڪر چيمپيئن شپ کٽي ٽيون ڀيرو ورلڊ چيمپيئن جو تاج پنهنجي سر تي سجائي ورتو.
قومي ڪيوئسٽ محمد آصف ورلڊ سنوڪر چيمپيئن شپ ۾ وائلڊ ڪارڊ ڪواليفائر طور انٽري ورتي ۽ ڪواليفائنگ رائونڊ کٽڻ کانپوءِ مين رائونڊ ۾ وري ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.
فائنل ۾ آصف جو مقابلو ايران جي پليئر علي غارا گوزلو سان ٿيو، بيسٽ آف 9 فريم جي فائنل جو پهريون فريم آصف 25-70 جي اسڪور تان پنهنجي نالي ڪيو.
ٻئي فريم ۾ علي واپسي ڪئي ۽ 7-94 تان مقابلو هڪ، هڪ تان برابر ڪري ڇڏيو.
ٽيون فريم محمد آصف 08-62 جي اسڪور تان کٽي ميچ ۾ 2-1 جي سرسي حاصل ڪئي.
چوٿين فريم ۾ آصف مخالف کي هڪ بال به پوٽ ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ 106 جو ڪليئرنس بريڪ کيڏي اسڪور پنهنجي حق ۾ 3-1 ڪري ڇڏيو، اِهو ٽورنامينٽ ۾ آصف جو ڇهون سينچري بريڪ هو.
پنجين فريم ۾ به آصف جو پلڙو ڀاري رهيو جنهن ۾ هن 12 جي مقابلي ۾ 82 پوائنٽس تان ڪاميابي ماڻي ۽ پنهنجي سرسي وڌيڪ مستحڪم ڪئي.
چار هڪ جي خساري کانپوءِ ايراني ڪيوئسٽ ڪجهه مزاحمت ڏيکاري، ۽ ستون فريم کٽيو پر اٺين فريم ۾ محمد آصف 93 جي بريڪ سان مقابلو پنهنجي نالي ڪري ورتو.
اهڙي ريت محمد آصف ڪيريئر ۾ ٽيون انفرادي ۽ مجموعي طور پنجون ورلڊ ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو، هو ان کان اڳ 2012ع ۽ 2019ع ۾ به انفرادي ورلڊ چيمپيئن شپ کٽي چڪو آهي.
هلندڙ سال چيمپيئن شپ کٽي هن ڀارت جي پنڪج آڏواڻيءَ جو ٽي انفرادي ٽائٽل جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.

You might also like