دوحا(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ٽاپ ڪيوئسٽ محمد آصف دوحا ۾ ٿيل آءِ بي ايس ايف ورلڊ سنوڪر چيمپيئن شپ کٽي ٽيون ڀيرو ورلڊ چيمپيئن جو تاج پنهنجي سر تي سجائي ورتو.
قومي ڪيوئسٽ محمد آصف ورلڊ سنوڪر چيمپيئن شپ ۾ وائلڊ ڪارڊ ڪواليفائر طور انٽري ورتي ۽ ڪواليفائنگ رائونڊ کٽڻ کانپوءِ مين رائونڊ ۾ وري ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.
فائنل ۾ آصف جو مقابلو ايران جي پليئر علي غارا گوزلو سان ٿيو، بيسٽ آف 9 فريم جي فائنل جو پهريون فريم آصف 25-70 جي اسڪور تان پنهنجي نالي ڪيو.
ٻئي فريم ۾ علي واپسي ڪئي ۽ 7-94 تان مقابلو هڪ، هڪ تان برابر ڪري ڇڏيو.
ٽيون فريم محمد آصف 08-62 جي اسڪور تان کٽي ميچ ۾ 2-1 جي سرسي حاصل ڪئي.
چوٿين فريم ۾ آصف مخالف کي هڪ بال به پوٽ ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ 106 جو ڪليئرنس بريڪ کيڏي اسڪور پنهنجي حق ۾ 3-1 ڪري ڇڏيو، اِهو ٽورنامينٽ ۾ آصف جو ڇهون سينچري بريڪ هو.
پنجين فريم ۾ به آصف جو پلڙو ڀاري رهيو جنهن ۾ هن 12 جي مقابلي ۾ 82 پوائنٽس تان ڪاميابي ماڻي ۽ پنهنجي سرسي وڌيڪ مستحڪم ڪئي.
چار هڪ جي خساري کانپوءِ ايراني ڪيوئسٽ ڪجهه مزاحمت ڏيکاري، ۽ ستون فريم کٽيو پر اٺين فريم ۾ محمد آصف 93 جي بريڪ سان مقابلو پنهنجي نالي ڪري ورتو.
اهڙي ريت محمد آصف ڪيريئر ۾ ٽيون انفرادي ۽ مجموعي طور پنجون ورلڊ ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو، هو ان کان اڳ 2012ع ۽ 2019ع ۾ به انفرادي ورلڊ چيمپيئن شپ کٽي چڪو آهي.
هلندڙ سال چيمپيئن شپ کٽي هن ڀارت جي پنڪج آڏواڻيءَ جو ٽي انفرادي ٽائٽل جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
Prev Post
You might also like