لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڊرون ذريعي منشيات سمگلنگ ڪندڙ گروهه کي گرفتار ڪيو ويو.
لاهور ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ڊرون ذريعي منشيات سمگلنگ ڪندڙ گينگ کي گرفتار ڪري ورتو.
ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪامران موجب ڪارروائي مناوان چوڪي گنجي سڌوان جي علائقي ۾ ڪئي وئي، جوابدارن وٽان منشيات، سگنل ڊيوائس، هٿيار ۽ ڊرون برآمد ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته ڊولفن ٽيم نمبر 17 مخبري تي جوابدارن کي روڪي چيڪنگ ڪئي، چيڪنگ دوران رشيد ۽ فائز وٽان منشيات برآمد ٿي.
سندس چوڻ هو ته جوابدارن وٽان ڊرون، 2 پسٽل ۽ 3 ميگزين به برآمد ٿيا، جوابدارن ڊرون ذريعي منشيات ۽ هٿيار بارڊر پار سپلاءِ جو اعتراف ڪيو.
Prev Post
You might also like