ٽرمپ جي ڪاميابي تي اسرائيل ۾ مبارڪباد جا بل بورڊ لڳي ويا

آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ري پبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي تي اسرائيل ۾ مبارڪباد جا بل بورڊ لڳي ويا.
پرڏيهي ميڊيا طرفان جاري ڪيل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اسرائيلي تخت گاهه تل ابيب ۽ يروشلم ۾ ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ مبارڪباد جا بل بورڊ لڳايا پيا وڃن.
بل بورڊن تي ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏيندي لکيو ويو آهي ته اسرائيل کي عظيم بڻايو.

You might also like