ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه آسٽريليا خلاف ٻي ون ڊي ميچ لاءِ دستياب هوندو.
ذريعن موجب، پهرين ون ڊي ۾ پنهنجي ڪوٽا جي اٺين اوور دوران ڪريمپس جو شڪار ٿيڻ سبب اوور اڻپورو ڇڏي ميدان کان ٻاهر هليو ويو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نسيم شاهه هاڻي مڪمل طور فٽ آهي ۽ هن ڪريمپس مان ڇوٽڪارو ماڻي ورتو آهي.
ذريعن موجب، نسيم شاهه مڪمل ٽريننگ سيشن ۾ حصو ورتو ۽ بالنگ پڻ ڪئي، کيس ٻي ون ڊي ۾ پليئنگ اليون ۾ برقرار رکڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ اٺ نومبر تي کيڏي ويندي، سيريز ۾ آسٽريليا کي 1-0 سرسي حاصل آهي.
You might also like