اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اٽارني جنرل عثمان اعواڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خاطري ڪرائي آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جو فوڪل پرسن انتظار پنجوٿا چويهه ڪلاڪن اندز بازياب ٿي ويندو.
عمران خان جي فوڪل پرسن انتظار پنجوٿا جي آزادي بابت درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عثمان اعواڻ عدالت کي خاطري ڪرائي ته انتظار پنجوٿا کي چويهه ڪلاڪن ۾ بازياب ٿي ويندو.
درخواستگذار جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اٽارني جنرل اميد ڏيار آهي، اسان اميد ڪري سگهون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته انتظار حسين پنجوٿا خيريت سان واپس اچي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سوال ڪيو ته ڇا چويهه ڪلاڪ هنيئر کان ئي شروع ٿيندا؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو هائو، سڀاڻي هن ئي وقت انتظار پنجوٿا واپس اچي ويندو.
اسلام آباد ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي چار نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عمران خان جو ترجمان انتظار پنجوٿا 24 ڪلاڪن اندر بازياب ٿي ويندو، اٽارني جنرل جي عدالت کي خاطري
Prev Post
You might also like