ميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي بيٽ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ جي لانگ روم ۾ رکي ويندي.
اي سي جي انتظاميا بابر اعظم کي لانگ روم لاءِ بيٽ عطيو ڪرڻ جو چيو جنهن کانپوءِ بابر اعظم 2022ع واري ٽي ٽوئنٽي عالم ڪپ جي فائنل ۾ استعمال ڪيل بيٽ عطيو ڪري ڇڏي.
اي سي جي انتظاميا موجب، بابر اعظم جي بيٽ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ جي لانگ روم ۾ رکي ويندي، لانگ روم ۾ ڊان بريڊ مين، ڊيوڊ بون، جيڪ هوبز ۽ برائن لارا جي بيٽ به نمائش لاءِ موجود آهي.
ان حوالي سان بابر اعظم چيو ته هن لاءِ ايم سي جي لانگ روم ۾ بيٽ رکڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ايم سي جي سان سندس ڪيئي يادون سلهاڙيل آهن.
هن چيو ته ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ دنيا جي بهترين ميدانن منجهان هڪ آهي، هو دنيا جي عظيم بيٽرز سان گڏ سندس بيٽ جي موجودگي پاڻ لاءِ اعزاز سمجهي ٿو.
ياد رهي ته بابر اعظم 2022ع واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جو فائنل انگلينڊ خلاف ميلبورن جي ميدان تي کيڏيو هو جنهن ۾ پاڪستان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
You might also like