اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪوشش آهي ته ٽيڪس نيٽ ۾ وڌارو ڪيو وڃي ڇو ته اسان مفت ۾ حڪومت نٿا هلائي سگهون.
سينيٽ اجلاس ۾ وفاقي وزير طرفان لکت ۾جواب جمع ڪرايو ويو ، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بلوچستان ۾ پي ايس ڊي پي جون 1429 ارب رپين جون ٻه سئو رٿائون جاري آهن.
30 جون 2024ع تائين 381 ڏهائي 2 ارب رپيا خرچ ٿيا جڏهن ته سال 2024-25 دوران پي ايس ڊي پي لاءِ 130 ارب رپيا مختص ڪيا ويا.
ان ڏس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اسان پنهنجي قومي ذميواري سمجهون ٿا ته بلوچستان کي ان جو حصي کان وڌيڪ ڏنو وڃي، 2022ع ۾ بلوچستان جي پي ايس ڊي پي جي 84 ارب جي مختص رقم بجيٽ ۾ وڌائي 126 ارب رپيا ڪئي، جڏهن بلوچستان جو ڪو به منصوبو ڪميشن ۾ ايندو آهي ته اِهو تيزيءَ سان منظور ڪندا آهيون.