صدر آصف علي زرداري جي صحت بابت بلاول ڀٽو جو اهم بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڊاڪٽرن صدر آصف علي زرداري کي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر، پ پ چيئرمين کان صدر آصف علي زرداري جي صحت بابت پڇا ڪئي.
اسپيڪر اياز صادق، صدر آصف علي زرداري جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري لاءِ نيڪ خواهشن تي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جا ٿورا مڃيا.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڊاڪٽرن صدر آصف علي زرداري کي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.