صدر آصف زرداري جو چين جو دورو ملتوي، سبب سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري جو چين جو دورو ملتوي ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، آصف علي زرداري کي هلندڙ مهيني چين جي دوري تي وڃڻو هو جيڪو سندس پير ۾ فريڪچر سبب ملتوي ڪيو ويو آهي،
ذريعن جو چوڻ آهي ته في الحال صدر زرداري جي چين جي دوري جو حتمي شيڊيول طئي ٿي رهيو هو پر پير ۾ فريڪچر سبب معاملو التوا جو شڪار ٿي ويو.
ذريعن موجب، پرڏيهي وزارت ۽ چيني سفارتخاني طرفان دوري جي تاريخن جو اعلان نه ڪيو ويو هو، جڏهن ته هاڻ صدر مڪمل طور صتحياب ٿيڻ کانپوءِ چين جو دورو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.