اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف مستونگ ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته مستونگ ۾ اسڪول تي ڌماڪو تعليم دشمني جو ثبوت آهي، دهشتگرد اهڙن حملن سان قوم جا حوصلا خطا نٿا ڪري سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ گرلز هاءِ اسڪول تي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ٻارڙن ۽ پوليس اهلڪار جي مارجڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ذميوارن جي نشاندهي ڪري عبرتناڪ سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي ۽ زخمين کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
هن چيو ته دهشتگردن جو اسڪول تي ڌماڪو بلوچستان ۾ سندن تعليم دشمني جو ثبوت آهي، دهشتگرد اهڙن حملن سان قوم جا حوصلا خطا نٿا ڪري سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، ملڪ ۽ قوم خاطر قربانيون ڏيندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن تي سڄي قوم کي فخر آهي.
You might also like