مستونگ ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ گرلز هاءِ اسڪول ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار ۽ اسڪولي ٻارڙن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، بلوچستان جي وڏي وزير ڌماڪي جي مذمت ڪندي صوبائي گهرو وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي مستونگ ڌماڪي جي مذمت ڪندي صوبائي گهرو وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته دهشتگردن غريب پورهيتن بعد هاڻي معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو، انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو مذمت جوڳو آهي.
هن چيو ته دهشتگردن سافٽ ٽارگيٽ ۾ هاڻي معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻايو، هو معصوم ٻارن ۽ بيگناهه ماڻهن جي رت جو حساب وٺندا.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وڌيڪ چيو ته شهري آبادي ۾ مقامي ماڻهن کي به دهشتگردن تي نظر رکڻي پوندي، گڏ ٿيڻ سان ئي دهشتگردي جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو.
You might also like