هانگ ڪانگ سُپر سڪسز: پاڪستان، ڀارت کي مات ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو

هانگ ڪانگ ( ويب ڊيسڪ ) هانگ ڪانگ سُپر سڪسز ۾ پاڪستان روايتي مخالف ڀارت کي آئوٽ ڪلاس ڪندي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
هانگ ڪانگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 119 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان 120 جو هدف بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي آصف علي ۽ اخلاق احمد شاندار اننگز جي مدد سان پورو ڪري ورتو.
پاڪستاني اوپنرن ڀارتي بالرن خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ميدان جي چئني پاسي شاندار اسٽروڪ کيڏيا.
واضح رهي ته ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان، گڏيل عرب رياستن کي 13 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.