اسلام آباد ( ويٻ ڊيسڪ ) حڪومت تيل سستو ڪرڻ جو آسرو ڏئي پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪري ڇڏيا.
ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 35 پيسا جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا 85 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي.
قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 248 رپيا 38 پيسا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 255 رپيا 14 پيسا في لٽر ٿي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 62 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، لائيٽ ڊيزل جي نئين قيمت 147 رپيا 51 پيسا ٿي وئي آهي.
گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ رپيو 48 پيسا واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 161 رپيا 54 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
You might also like