حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس جو انوکو ڪارنامو، 15 مددگار سينٽر قاسم آباد جي انچارج کي ڌمڪائيندي گارگند ڪندڙ بااثر شخص جي پٽ کي بچائيندي واقعي جي داخل ڪيل ڪيس ۾ ان جي نالي بدران ان کي سليم باجاري جو مائٽ ڄاڻائي جوابدار ۽ سندس پوليس اھلڪار گارڊ گدا حسين کي نامزد ڪيو ويو آهي. قاسم آباد جي علي پيلس چوڪ وٽ قائم پوليس جي 15 مددگار سينٽر تي ھڪ بااثر شخصيت جي پٽ پاران چوڪي انچارج اظھر راھپوٽو کي گارگند ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مددگار سينٽر جي انچارج اظھر راھپوٽو جي فرياد تي اھو ڪيس قاسم آباد ٿاڻي تي گناھه نمبر 433 قلم 353، 504، 147 ۽ 149 تحت داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو ته 29 آڪٽوبر جي رات جو دير سان چوڪي ڀرسان اهلڪارن چيڪنگ پئي ڪئي ته ھڪ گاڏي کي روڪيو ويو، ان گاڏي جو شيشو ھيٺ ڪري جارحاڻي لھجي ۾ اوھان مونکي نٿا سڃاڻو مان سليم باجاري جو مائٽ آھيان، پوليس جي ڪھڙي مجال جو مون کي روڪي، توھان جھڙا پوليس جا 4/4 اي ايس آءِ اسان پنھنجي گاڏي جي ڊالي ۾ ويهاريندا آھيون، ان دوران ھو ۽ گاڏي ۾ پوليس وردي پھريل اھلڪار گدا حسين گاڏي مان لهي آيا جن اھلڪارن کي گارگند ڪندي گھٽ وڌ ڳالهايو، گارڊ اھلڪار گدا حسين پوليس اھلڪارن کي ڌڪا ڏئي ھٽايو ۽ ٻئي ٻيھر گاڏي ۾ سوار ٿي ھليا ويا، فريادي موجب گاڏي ۾ سوار جوابدار جو پاڻ کي سليم باجاري جو مائٽ سڏائي رھيو ھو. جوابدار ۽ پوليس اھلڪار گدا حسين پوليس جي جائز ڊيوٽي ۾ اٽڪاءُ ڪري گارگند ڪئي. واضح رھي ته گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي ھڪ وڊيو وائرل ٿي ھئي. جنھن ۾ ھڪ نوجوان پاڻ کي سليم باجاري جو پٽ ظاھر ڪندي 15 مددگار قاسم آباد جي آفيس ۾ اهلڪارن کي ڌمڪايو ۽ چوڪي انچارج اظھر راھپوٽو کي گارگند ڪئي.