آمريڪي سفارتخاني جو وفد اڊيالا جيل پهتو، ٽن قيدن سان ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ ) آمريڪي سفارتخاني جي وفد اڊيالا جيل ۾ قيد ٽن جوابدارن سان ملاقات ڪئي.
جيل ذريعن موجب، آمريڪي سفارتخاني جي 3 رڪني وفد کي اڊيالا جيل ۾ قيد ٽن جوابدارن تائين قونصلر رسائي ڏني وئي، وفد فارين ايڪٽ تحت گرفتار جوابدارن سان ملاقات ڪئي.
جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي وفد کي جوابدارن سان ايڊيشنل سپرٽنڊنٽ جيل جي آفيس ۾ ملاقات ڪرائي وئي، جيڪا هڪ ڪلاڪ جاري رهي.
جيل ذريعن موجب، وفد کي آمريڪي شهرين عابد ملڪ، صديقه سعيد، ايلڪس پليڊو تائين قونصلر رسائي ڏني وئي، آمريڪي وفد ۾ عرفان جان، مائيڪ مرفي ۽ راحيل جاويد شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.