لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ ۾ وومين ٽيم جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي ۽ اختيار گهٽائڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) وومين ونگ جي سربراهه تانيا ملڪ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جڏهن ته پاڪستان سپر ليگ جي ڊائريڪٽر صهيب شيخ به بورڊ کان رستا ڌار ڪري ورتا.
پاڪستان وومين ونگ جي سربراهه تانيا ملڪ عهدي تان استعيفيٰ ڏني، جنهن پي سي بي طرفان تصديق ڪئي وئي آهي.
تانيا ملڪ 2021ع کان وومين ونگ جي سربراهه طور فرض سرانجام ڏئي هئي.
ذريعن موجب، اختيار گهٽائڻ ۽ وري وومين ٽيم جي لاڳيتو شڪستون سندس استعيفيٰ جو سبب بڻيون.
ٻئي پاسي پاڪستان سپر ليگ جي ڊائريڪٽر صهيب شيخ به پي سي بي کان رستا ڌار ڪري ورتا آهن.
صهيب شيخ 2016ع کان 2019ع تائين پي سي بي سان واڳيل رهيو ۽ 13 مهينا اڳ هن ٻيهر پي سي بي کي جوائن ڪيو هو.
Prev Post
You might also like