”عمران خان خلاف اهڙو ڪو ڪيس ناهي جيڪو فوجي عدالت ۾ هلي سگهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر قانوندان بابر اعواڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني خلاف اهڙو ڪو ڪيس ناهي جيڪو فوجي عدالت ۾ هلي سگهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته عمران خان خلاف اهڙو ڪو ڪيس ناهي، جيڪو ملٽري ڪورٽ ۾ هلي سگهي.
هن چيو ته پنجاب ۾ ڪچي کان وڌيڪ پڪي جا ڌاڙيل آهن، مني لانڊرنگ ۽ هر قسم جي ڪيسن ۾ ملوث ماڻهن کي اقتدار ڏنو ويو.
سندس چوڻ هو ته لنڊن ۾ نواز شريف جي جيڪا آجيان ٿي، اها سڀني ڏٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.