اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن موجب پاڪستان هاءِ ڪميشن حملو ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۾ 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست سفارتي اختيارن ذريعي ڏني ويندي.
سفارتي ذريعن موجب قاضي فائز عيسيٰ تي حملي دوران پاڪستان هاءِ ڪميشن جي گاڏي کي به نقصان پهتو.
You might also like