پ پ ”دمادم مست قلندر“ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه سنڌو درياهه تي هڪ به ڪينال ڪڍڻ تي سخت مزاحمت ۽ دمادم مست قلندر جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عاجر ڌامراهه چيو ته سنڌو درياهه تي 6 ڪينال ڪڍڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، 6 ڪينال ته پري جي ڳالهه هڪ ڪينال به ٺاهيو ويو ته اسان سخت مزاحمت ڪندي دمادم مست قلندر ڪنداسين.
هن چيو ته ڪينال ۽ ڊيم اتي ٺاهيا ويندا آهن، جتي پاڻي وڌيڪ هجي، سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي ته ڪينال ڪيئن ٿا ٺاهي سگهجنئ
سندس چوڻ هو ته 26هين آئيني ترميم جو بينيفشري 25 ڪروڙ عوام آهي، مخالف پارليامينٽ اندر مخالفت ڪن ها ته سٺو هجي ها، سپريم ڪورٽ بار چونڊن ۾ اهڙي ئي سوچ کي شڪست ٿي آهي، آئيني ترميم تي ڪا پابندي آهي، جڏهن به ضرورت پئي ته وڌيڪ آئيني ترميمون ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.