ممبئي( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا اننيا پانڊي ڪيئي ڏينهن کان پنهنجي بواءِ فرينڊ واڪر بلانڪو سبب ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اڳوڻي آمريڪي ماڊل واڪر بلانڪو ئي بالي ووڊ اداڪارا جو نئون بواءِ فرينڊ آهي جنهن سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي پنهنجي ۽ اننيا سان رشتي جي تصديق ڪندي اداڪارا سان پنهنجي محبت جو اظهار پڻ ڪيو.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واڪر اننيا جي سالگرهه جي موقعي تي کيس مبارڪباد پيش ڪئي ۽ پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي کيس پنهنجي لاءِ انتهائي خاص قرار ڏنو.
ان ڏس ۾ اننيا جي امڙ اداڪارا ڀاونا پانڊي ڌيءَ جي ڊيٽنگ لائيف بابت تبصرو ڪندي چيو ته جڏهن هوءَ نوجوان هئي تڏهن سندس نالو پڻ ڪيئي ماڻهن سان جوڙيو ويو هو، اهڙين خبرن جون سرخيون نه ٺهيون بس اِهو ئي فرق آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سندس خيال آهي ته اننيا کي پنهنجي زندگيءَ کي معمول موجب گذارڻ گهرجي جيئن مان يا اوهان گذاري رهيا آهيو.
ڀاونا پانڊي چيو ته جنهن ڏينهن اننيا شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ۽ مون کي چوندي ان ڏينهن مان شايد جذباتي ٿي وڃان ۽ مون کي احساس ٿئي پر ان کان اڳ مان رڳو اِهو چاهينديس ته هوءَ سٺو وقت گذاري.
واضح رهي ته ان کان اڳ اننيا پانڊي بالي ووڊ اداڪار آدتيا راءِ ڪپور سان لاڳاپن ۾ هئي پر هلندڙ سال جي شروعات ۾ ٻنهي پنهنجا رستا ڌار ڪري ورتا هئا.
Next Post
You might also like