ممبئي( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا نمرت ڪور اداڪارا اڀيشيڪ بچن سان لاڳاپن جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
اسٽار جوڙي اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ جي رشتي ۾ ڏار جا افواهه ڊگهي عرصي کان گردش ڪري رهيا آهن، جتي جوڙو ڪيئي مهينن کان منظر تان غائب آهي، اتي آئي ڏينهن طلاق جا افواهه زور پڪڙي رهيا آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي ميڊيا تي شيئر ڪيل ريڊٽ پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته اسٽار جوڙي جي عليحدگي سبب اڀيشيڪ بچن جو مبينا افيئر آهي.
رپورٽ موجب، ڀيشيڪ جو پنهنجي فلم ” دسوين “ جي ساٿي اداڪارا نمرت ڪور سان افيئر جوڙي جي عليحدگي جو سبب بڻيو جنهن کانپوءِ ٻنهي شخصيتن هڪٻئي کان رستا ڌار ڪري ورتا.
اڀيشيڪ سان افيئر ۽ ڊيٽنگ جون خبرون سامهون اچڻ کانپوءِ اداڪارا نمرت ڪور به ان معاملي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي نمرت ڪور جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جي ڳالهين کي روڪڻ ناممڪن آهي، هوءَ ڇا به چوي ماڻهو وري به اِهو ئي چوندا جيڪو هو چوڻ چاهيندا.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته هو انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿي، اهڙي قسم جي خبرن کي نظرانداز ڪرڻو پوندو آهي.
You might also like